مياڻي جي جنگ
اوائلي دؤر انگريز واپاري سرما ئ يدارن هندستان ۾ نين مارڪيٽن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڪهڙي طرح پاڻ کي هندس ت ان جو مالڪ بنائي ورتو ان کي اڻويهين صديءَ جي هڪ وڏي انقلابي فلاسفر ۽ سرمايه داريءَ جي زبردست دشمن ڪارل مارڪس 1853ع ۾ پنهنجي هڪ لکيل مضمون ۾، جو ان وقت ”نيويارڪ هيرالڊ ٽربيون“ ۾ شايع ٿيو هو، هنن مختصر ۽ جامع لفظن ۾ بيان ڪيو آهي : ”هندستان ۾ انگريزي اقتدار ڪيئن قائم ٿيو؟ مغل بادشاهن جي ڪلي ۽ مطلق العنان طاقت کي سندن ئي مقرر ڪيل وائسرائن يا حاڪمن ڌڪ هنيو ۽ انهن مغليه وائسرائن ۽ حاڪمن جو زور مرهٽن ختم ڪيو. مرهٽن جو زور وري افغانن ڀڳو. ان ريت اهڙي وقت ۾ جڏهن هندستان جا حاڪم ۽ اثر واريون قومون پاڻ ۾ لڳل هيون تڏهن انگريز آيا ۽ سڀني کي دٻائي پاڻ مالڪ بنجي ويٺا. هندستان انهيءَ وقت اهڙو ملڪ هو جو نه رڳو هندن ۽ مسلمانن ۾ ورهايل هو پر قبيلي جو قبيلي سان ۽ هڪ ذات جو ٻي ذات وارن سان جهيڙو لڳو پيو هو.“ اڳتي هلي مارڪس لکي ٿو: ”جيڪڏهن اسان کي هندستان جي ابتدائي تاريخ جي کڻي گهڻي خبر نه به هجي ان هوندي به هڪ کليل حقيقت کان ته ڪير به انڪاري ٿي نه سگهندو ته اڄ به، انگريز، هندستان جي خ...